
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي جي سياسي سماجي قومپرست ڪارڪنن پاران ٺٽي لڳ سنڌو درياء جي دولھ درياء خان پل تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سنڌو مٿان ٺھندڙ 6 ڪئنالن خلاف دولھ دريا خان پل تي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو سماجي اڳواڻ شبير ڀٽي شاھين يوٿ ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ حنيف ميمڻ نادر شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهري ۾ مختلف سياسي سماجي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياه تي ڌاڙو برداش نه ڪيو ويندو ڪئنالن خاطر ڌرتيءَ خاطر پاڻي خاطر ھر موڙ تي مزاحمت ڪنداسين سنڌ سڪائڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين ڪئنال اسان سنڌين جي لاشن مٿان ٺھندا احتجاج دوران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي


