شھر مان غيرقانوني رڪاوٽون ھٽائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو فيصلو
ڪراچي، 25 سيپٽمبر 2024: چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب وچ ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه ۽ ميونسپل ڪمشنر محمد افضل زيدي به شريڪ هئا. ملاقات دوران ڪراچي شهر مان حددخلين کي ختم ڪرڻ، روڊن جي مرمت ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اسسٽنٽ ڪمشنرز کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا ته جيئن شهر مان غيرقانوني رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جو عمل وڌيڪ تيز ۽ مؤثر بڻائي سگهجي. چيف سيڪريٽري سنڌ خاص هدايتون ڏنيون ته شهر جي اسپتالن جي چوڌاري موجود سموريون غيرقانوني حددخلين کي فوري طور هٽايو وڃي ته جيئن عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به رنڊڪ نه ٿئي.
ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب ان موقعي تي ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي مرمت ۽ تعمير لاءِ 1.5 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سان گڏ، شهر ۾ پاڻي جي نيڪال جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ جامع قدم کنيا ويندا.
چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه وڌيڪ زور ڏنو ته ڪي ايم سي جي بس سروس کي جديد تقاضائن موجب بهتر بڻايو ويندو ۽ ڪي ايم سي ملازمن جي پينشن جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا ته جيئن انهن جي بهتري يقيني بڻائي سگهجي.
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين سنڌ طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڳڙھي خدا بخش کان نڪتل پيادل مارچ ٺٽي پھچي ويو، احتجاجي مظاھرو حافظ مشتاق، عبدالھادي، عبدالحفيظ ٻگھيو، راجو قريشي، سجاد سمون، حنيف چنڊ، ستار قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو تہ سمورن کاتن جي ملازمن کي ٽريزري جي ذريعي پگھارون جاري ڪيون وڃن ٿيون، پر مڪاني کاتي جي ملازمن کي ٽريزري ذريعي پگھارون جاري نٿيون ڪيون وڃن، ان کانسواء رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي وقت سر ادائگيون بہ نٿيون ڪيون وڃن، ھنن چيو تہ اڃان تائين ڪيترن ئي ٽائون ڪميٽين جي ملازمن کي پگھارون بہ جاري نہ ٿي سگھيون آھن، جيڪو ملازمن سان سراسر ظلم آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن لوڪل گورنمنٽ جي ملازمن جا سمورا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ 26 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو.


