صدارتي چونڊن جو شيڊول پهرين مارچ تي جاري ڪرڻ جو اعلان


اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول پهرين مارچ تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب صدارت لاءِ خواهشمند اميدوار اڄ کان ئي نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري سگهن ٿا، 2 مارچ تي ڏينهن جو 12 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهبا

آئين تحت صدر جي چونڊ عام چونڊن کانپوءِ 30 ڏينهن اندر ڪرائڻ لازمي آهي، آرٽيڪل 91 ۽ 130 تحت سمورين اسيمبلين جي پهرين ويهڪ چونڊن جي 21 ڏينهن اندر ٿيڻي آهي

اليڪشن ڪميشن موجب 29 فيبروري 2024 تي سموريون اسيمبليون وجود ۾ اچي وينديون، اهڙي طرح صدر جي چونڊ لاءِ گهربل اليڪٽورل ڪاليج جي تڪميل ٿي ويندي

TAGStop_stories

اپنا تبصرہ بھیجیں