سنڌ جي نگران وزيرن محمد احمد شاهه ۽ عمر سومرو جي گڏيل پريس ڪانفرنس

ڪراچي (12 ڊسمبر 2023) سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاهه ۽ قانون، انساني حقن ۽ مذهبي معاملن واري نگران وزير عمر سومرو سان گڏ اڄ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڪابينا، سنڌ حڪومت جو چهرو آهي. هن چيو ته ثقافت ماڻهن کي ڳنڍڻ جو سڀ کان وڏو اوزار آهي. نگران حڪومت وٽ محدود مينڊيٽ آهي پر عوامي جي ڀلائي جا ڪم ڪرڻا آهن ۽ عوام کي ان ڪارڪردگيءَ کان آگاهه رکڻو آهي. هي پريس ڪانفرنسون ان سلسلي جي هڪ ڪڙيون آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته مذهبي معاملن، اوقاف ۽ زڪوات کاتي پنهنجي انتظام هيٺ صوبي جي سمورن درگاهن ۾ عورتن جي نماز لاءِ جايون مختص ڪيون آهن. اوقاف جا اربين روپين جون ملڪيتون يا جايون جيڪي ڪرائي تي ڏنل آهن پر ان جو ڪرايو تمام گهٽ آهي انهن سڀني ڪراين ۽ اوقاف جي ليز تي ڏنل ملڪيتن جا ريٽ مارڪيٽ ريٽ مطابق ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته درگاهن ۾ عطين کي هڪ مخصوص اڪائونٽ ۾ رکڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.مذهبي معاملن واري کاتي پاران ڪربلا جي شهيدن، سيرت النبي ﷺ جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪرايا آهن. درگاهن تي مذهبي ۽ ثقافتي پروگرامن جو انعقاد ۽ کاتي جي ڪمن ۾ شفافيت آڻڻ اولين ترجيح آهي. زڪوات وٺندڙ حقدارن جي بائيو ميٽرڪ ڪئي وئي آهي، ان جي شروعات گذريل حڪومت ڪئي هئي، تنهن ڪري اهو ڪريڊٽ گذريل حڪومت جو آهي. انساني حقن واري کاتي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت انساني حقن واري پاليسي تي عمل ڪيو آهي. انساني وسيلن جي 10 ڪروڙ روپين جي گرانٽ ان ايڊ جي بجيٽ اين جي اوز کي ڏيڻ بدران صوبي جي نوجوان شاگردن کي انساني حقن جي قانونن جي تعليم لاءِ اسڪالرشپ تي خرچ ڪندي هر هڪ کي 25 هزار رپيا ماهوار وظيفو ڏينداسين. هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ صرف هڪ پوسٽ آفيس ناهي ته درخواستن کي اڳتي موڪلن بلڪي انهن ماڻهن جو عمل به ٿيڻ گهرجي. عمر سومرو چيو ته انساني حقن جي ڪال سينٽر کي فعال ڪيو پيو وڃي. هن ڪال سينٽر 15 سان گڏ ۽ جسٽس ناصر اسلم زاهد جي ڪال سينٽر سان گڏ ڳنڍيو ويندو. انساني حقن جي ٽريننگ لاءِ اڳلي ڪجهه مهينن ۾ شروع ٿي ويندي، قانون کاتي ۾ ججن، وڪيلن ۽ عوام جي شڪايتن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته سنڌ ۾ درگاهن تي مليل عطيو جي آمدني شفافيت سان خرچ ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ اهي عطيا فلاحي منصوبن تي خرچ ڪيا ويندا. هن چيو ته انساني حقن جي پاليسي جو ڪريڊٽ گذريل چونڊيل حڪومت جو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪينجهر ڍنڍ جي 6500 ايڪڙ زمين ريزارٽ لاءِ ليز تي ڏيڻ واري فائل کي ايم او يو سان ٽڪراءَ ۾ ڏٺو ويو ته ان کي روڪيو ويو. هن سمري ۾ ڪيترن ئي کاتن کي باءِ پاس ڪيو ويو هو. مون اها ڳالهه سنڌ جي نگران وڏي وزير کي به ٻڌائي آهي، هن سياحت واري وزير کان به ان بابت پڇاڻو ڪيو آهي. سيف سٽي منصوبي جي حوالي سان نگران قانون واري وزير چيو ته هن پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير پاران اليڪشن ڪميشن کي منهنجي باري ۾ شڪايت ڪئي وئي آهي پر اليڪشن ڪميشن مون کان اڃا تائين ڪجهه به ناهي پڇيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شڪارپور جي قبرستان ۾ منشيات جي شڪايت هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران سيٽ اپ ڪنهن به ڪمپني کي سنڌ ۾ زمين نه ڏني آهي. هن چيو ته عالمي ماحولياتي گهرجن مطابق ٻيلا لڳائڻ وقت جي ضرورت آهي. فاطمه فرڙو بابت سوال تي هن چيو ته بهتر هوندو ته اهو سوال نگران گهرو وزير کان پڇيو وڃي. نگران اطلاعات وارو وزير محمد احمد شاهه چيو ته نگران حڪومت جي 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ تياريون مڪمل آهن. سياسي پارٽين جا سياسي بيان سياست جو حصو آهن. 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير به هتي پريس ڪانفرنس ۾ واضح طور چيو آهي ته ان ۾ ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. محمد احمد شاهه چيو ته نگران سنڌ حڪومت پنهنجا فرض مڪمل غير جانبداري سان سرانجام ڏيڻ ۾ پر عزم آهي.

هينڊ آئوٽ نمبر…2054 ايس اي اين

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں